تاريخ ڇا آهي

تاريخ ڇا آهي

تاريخ ڇا آهي

تاريخ ڇا آهي (ڪتاب ):هي ڪتاب اردو جي نامور ليکڪ ’باري عليگ‘ جو لکيل آهي، جنهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو عمر ميمڻ ڪيو آهي. هي ڪتاب تاريخ جي موضوع تي آهي ته تاريخ ڪيئن لکجي؟ تاريخ ڇا آهي؟ ان جي تڪ تور ڪيئن ڪجي؟ تاريخ لکڻ لاءِ ڪهڙيون ڳالهيون ضروري آهن ۽ تاريخون ڇو لکيون وينديون آهن. هن ڪتاب جي شروع ۾ تاريخ تي تفصيلي بحث ڪيل آهي، ان کان پوءِ لاڳاپيل عملن بابت بحث ڪيل آهي، اڳتي مصنف تاريخ جا جزا بيان ڪندي رپورٽر ۽ مؤرخ تي بحث ڪري ٿو ته اهي تاريخ جا اهم جزا آهن، ان کان پوءِ سوانح نگاري تي روشني وڌل آهي ته سوانح نگاري تاريخ جو اهم دستاويز آهي. ٻين عنوانن ۾ تاريخ نويسي، تاريخ جو معاشي نظريو يا تاريخي ماديت، بيان ڪيل آهي، جڏهن ته ڪتاب جي آخري حصي ۾ مختلف شخصيتن جا تاريخ بابت رايا ۽ بحث ڏنل آهن، جن ۾ هيگل، مارڪس ۽ اوسوالڊ شپنگلر وغيره شامل آهن. جلد ڪچي ۽ ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 150 صفحا آهن ۽ قيمت 12 رپيا آهي. هي ڪتاب عظمت ادبي اڪيڊمي حيدرآباد پاران 1985ع ۾ شايع ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو